SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


ايڪانڪي ڊراما


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

ايڪانڪي ڊراما

(One Act Play)

هڪ ايڪٽ وارا ڊراما، يڪ فصلا ناٽڪ، جيڪي ننڍا، مختصر منظر ۽ مختصر ڪردارن تي مبني هوندا آهين. يوناني ڊراما هڪ مڪمل ايڪي طور هوندا هئا، جن جي وچ وچ ۾ ڪجهه ڪورس جي انداز ۾ چيو ويندو هو. هوريس (65-08 ق-م) اهو پهريون ماڻهو هو، جنهن پنجن ايڪٽن واري ڊرامي تي زور ڏنو. نئين سجاڳيءَ واري دور ۾ ڪنهن مرحلي تي فرينچ ڊرامي نگارن ان کي عام اصول بڻائي ڇڏيو. شيڪسپيئر ۽ سندس همعصرن جي ڊرامن ۾ فطري وٿيون آهن، جن کي ايڪٽن واري ورهاست چئي سگهجي ٿو. انگلنڊ ۾ بين جانسن (1572-1637ع) پنجن ايڪٽن واري ڊرامي جو بنياد وڌو. ابسن (1906- 1828ع) ايڪٽن کي گهٽائي چار ڪيو. پر ويهين صديءَ جي ابتدائي سالن ۾ ٽن ايڪٽن جي ڊرامن کي ترجيح ملڻ لڳي، ان هوندي به ٻن ايڪٽن وارا ڊراما به لکبا هئا. هڪ ايڪٽ سنڌي ڊرامن جو رواج پروکيسر منگھارام ملڪاڻيءَ (1896-1980ع) وڌو. کيس ’ايڪانڪي ڊرامن جو ابو‘ چيو وڃي ٿو. کانئس پوءِ مدن جماڻي، گوبند مالهي ۽ ٻين ڪيترن ايڪانڪي ڊراما لکيا آهن.


Remember Me Also:

ڪم فهمي

ث. بي عقلي ، بي وقوفي ، ناداني.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal